سپريم ڪورٽ، نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي هڪ ڀيرو ٻيهر توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

nihal hasmi

 سپريم ڪورٽ، نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي هڪ ڀيرو ٻيهر توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ويڊيو ڏسڻ بعد نهال هاشمي جي وڪيل به سندس ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ نهال هاسمي جي توهين جوڳي بيان جي ويڊيو ٻه ڀيرا هلائي وئي، جنهن تي نهال هاشمي چيو ته مان عدالت آڏو شرمسار آهيان، اهي منهنجا لفظ نه آهن، اهي جيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، انهن جا لفظ هئا.

نهال هاشمي چيو ته هو اداڪاري ڪري رهيو هو ۽ هو قسم کڻي ڪري چئي ٿو ته هن عدالت بابت ناهي ڳالهايو هو.

نهال هاشمي جي موقف تي چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان جي ويڊيو ٻيهر هلايون ٿا ته جيئن اوهان کي يقين اچي وڃي، ويڊيو ڏسڻ بعد نهال هاشمي جي وڪيل به ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

وڪيل چيو ته  بار جي وائس چيئرمين هئڻ ناتي هو شرمسار آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مان به شرمسار آهيان جو ڪاري ڪوٽ واري ڀاءُ کي نوٽيس جاري ڪري رهيو آهيان.

جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي اها عادت بڻجي وئي آهي، جڏهن ته جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا اوهان اداڪار آهيو، اوهان جا لفظ توهين جوڳا آهن،

نهال هاشمي عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي نوٽيس جاري نه ڪيا وڃن، مان مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکندڙ آهي، منهنجي گهر ان ئي پيشي سان هلندو آهي، رحم ڪيو وڃي ۽ هڪ موقعو ڏنو وڃي.

چيف جسٽس نهال هاشمي جي استدعا تي چيو ته اوهان کي اڳ به موقعو ڏنو، اوهان جا لفظ ايترا ته توهين جوڳا آهن جو معاف نٿا ڪري سگهجن.

سپريم ڪورٽ نهال هاشمي جي معاملي تي سمورين بار ڪائونسل جي چيئرمينز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سومر 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*