سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جي جاچ لاءِ ڏنل مهلت ۾ ٻن مهينن ۽ اسحاق ڊار جي ريفرنس لاءِ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جي جاچ لاءِ ڏنل مهلت ۾ ٻن مهينن ۽ اسحاق ڊار جي ريفرنس لاءِ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي، نيب عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار اشتهاري آهي، تنهنڪري ڪيس ۾ وقت لڳندو، عدالت جي پڇا ڪرڻ تي نيب پاران ٻڌايو ويو ته شريف ڪٽنب ڪيس کي اينگهائڻ جي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي،

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ شريف ڪٽنب ۽ اسحاق ڊار خلاف ٽرائل جي مدي ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل چيو ته احتساب عدالت جي جج جيڪا درخواست ڏني، ان ۾ گهربل وقت بابت ناهي ٻڌايو ويو.

جنهن تي نيب جي وڪيل چيوته شڙيف ڪٽنب خلاف لڳ ڀڳ هڪ مهينو ۽ اسحاق ڊار خلاف ڪيس مڪمل ڪرڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت لڳندو.

جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته  ڇا جوابدارن جي وڪيل طرفان ٽرائل ۾ دير ڪرڻ لاءِ ڪي حربا استعمال ڪيا ويا، جنهن تي نيب جي وڪيل ٻڌايو ته شريف ڪٽنب طرفان هن وقت تائين ڪي به حربا استعمال نه ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ، احتساب عدالت کي شريف ڪٽنب خلاف ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻن مهينن ۽ اسحاق ڊار خلاف ريفرنسز اڪلائڻ لاءِ وڌيڪ ٽن مهينن جو وقت ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جي ٽرائل جو شروعات 14 سيپٽمبر 2017 تي احتساب عدالت ۾ ٿيو، جنهن جي ڊيڊ لائن 13 مارچ تي ختم ٿي رهي هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*