نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر ڪيترن پئسن ۾ وڪاميا

safdar cap

نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر ڪيترن پئسن ۾ وڪاميا،  ان بابت واجد ضياءَ بهتر ٻُڌائي سگھي ٿو. هي ڪو ننڍو ڪيس نه پر سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن جمهوري حڪومت جي چونڊيل وزيراعظم کي گھر موڪليو ويو آهي.

احتساب عدالت ٻاهران هڪ صحافي سوال ڪيو ته سينيٽ چونڊن دوران پنجاب اسيمبلي مان توهان جا ووٽر هِتي هُتي ٿيا آهن ان بابت توهان ڇا چوندا؟

جنهن تي ڪيپٽن صفدر ان سوال جي جواب ۾ چيو ته پارٽي پنهنجي ليول تي جاچ ڪري رهي آهي، سينيٽ چونڊن ۾ گڏيل طور مسلم ليگ (ن) سُٺو رزلٽ ڏنو آهي.

هن چيو ته پشاور ۾ ٻُڌو آهي پي ٽي آءِ وارن چيو ته ايندڙ ڀيري هو ڪامياب نٿا ٿي سگھن،

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي سُٺي پيڪيج مليو، ڪي پي ۾ ميمبر ڪيترن پئسن ۾ وڪاميا ان بابت واجد ضياءَ بهتر ٻُڌائي سگھي ٿو.

هن چيو ته هي ڪو ننڍو ڪيس نه پر سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن جمهوري حڪومت جي چونڊيل وزيراعظم کي گھر موڪليو ويو آهي.

ڪيپٽن صفدر سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ تي تڪراري فيصلو ڏنو اڄ تائين ڪيس هليو ان ۾ ڪُجھه نه مليو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*