ملتان شهر ۾اکين جي نور کان محروم ماڻهن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته وعدي موجب کين ڊيلي ويجز نوڪريون فراهم ڪيون وڃن

nabena multan

ملتان شهر ۾اکين جي نور کان محروم ماڻهن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته وعدي موجب کين ڊيلي ويجز نوڪريون فراهم ڪيون وڃن.

نابين ماڻهن ڪچهري چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ جي رواني متاثر ٿي، جڏهن ته پوليس به ان موقعي تي موجود هئي.

 مظاهرين جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر جي يقين ڏيارڻ ۽ انٽرويو جي باوجود نوڪريون نه مليون آهن.

 هنن لاهور ۾ نابين ماڻهن تي تشدد ۽ لاٺي چارج جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي ڊيلي ويجز نوڪريون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت احتجاج جاري رهندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*