سنڌ اسميبلي، يونيورسٽي جا اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير کي ڏيڻ بابت بل بحث لاءِ منظور ڪري ورتو

sindh assembly

سنڌ اسميبلي، يونيورسٽي جا اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير کي ڏيڻ بابت بل بحث لاءِ منظور ڪري ورتو، مخالفت ڌر جي ميمبرز بل خلاف ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

زڪوات جي ورهاست واري معاملي تي سوالن جا جواب ڏيڻ دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌرو، سنڌ ۾ نادار سهولت سينٽرز تي زڪوات مستحق ماڻهن کان ڪميشن وٺڻ ۽ صوبي جي 23 ضلعن ۾ سياسي بنيادن تي زڪوات ڪميٽي چيئرمين لڳائڻ جو انڪشاف ڪيو.

سڪندر مينڌرو چيو ته نادرا مرڪزن تي مستحقن کي زڪوات جا پورا پيسا نه مليا، جنهن جي شڪايت بعد نادرا سان زڪوات الائونس ورهائڻ جو ٺاهه ختم ڪيو ويو آهي.

سينيٽ چونڊ واري بحث دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سينيٽ چونڊن جو طريقيڪار تبديل ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ڳجهي ووٽنگ بدران شو آف هينڊ ذريعي ووٽنگ ڪرائي وڃي.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته بلوچستان ۾ آزاد اميدوار پ پ جي ٽڪٽ تي ايندا ته هو کين ڀليڪار چوندا، جڏهن ته علي گوهر مهر سينيٽ چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ جي حمايت ڪئي، جنهن تي هن خلاف پارٽي ڊسيپلين جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته منتشر قومي موومينٽ انتشار جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن ڪري هير سوهو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظھار، ڪراچي جون شهري سيٽون گھٽائي ٻھراڙي ۾ شامل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سينٽرل ضلعي جون 5 مان ھڪ سيٽ گھٽائڻ ۽ اين اي 246 مان لياقت آباد کي ٻاھر ڪڍڻ شھري مينڊيٽ تي ڌاڙو آھي.

سينيئر صوبائي وزير نثار کھڙو جواب ۾ چيو ته سڄي سنڌ جي آدمشماري کي گهٽ ڏيکاري غلط تڪ بنديون ڪيون ويون آھن، متحده ٺھراءُ آڻي جنهن کي ڏسي حمايت جو فيصلو ڪيو ويندو.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي، سنڌ سيڪريٽريٽ عمارت ۾ شراب واپرائڻ خلاف رٿ جمع ڪرائي جيڪا رد ڪئي وئي.

يونيورسٽي جا اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير کي ڏيڻ بابت نثار کهڙو بل پيش ڪيو جيڪو اسپيڪر پاران بحث لاءِ منظور ڪيو ويو.

بل بحث لاءِ منظور ڪرڻ خلاف متحده جي سيد سردار احمد، نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان مخالفت ڪئي ۽ اجلاس جي ايجنڊا جا ڪاغذ ڦاڙي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*