ملتان جي مقامي عدالت قنديل ڪيس جي ٻڌڻي دوران قنديل جي ڀاءُ عارف کي اشتهاري قرار ڏيندي ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو

qandeel

ملتان جي مقامي عدالت قنديل ڪيس جي ٻڌڻي دوران قنديل جي ڀاءُ عارف کي اشتهاري قرار ڏيندي ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون ڏنيون ويون، ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

ملتان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ قنديل بلوچ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڪيس ۾ نامزد جوابدار مفتي عبدالقوي، اسلم شاهين، عبدالباسط، مرڪزي جوابدار وسيم ۽ حق نواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون به فراهم ڪيو ويون.

عدالت قديل جي ڀاءُ عارف کي اشتهاري قرار ڏيندي ڪيس کي الڳ ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار مفتي عبدالقوي، مرڪزي جوابدار وسيم ۽ حق نواز  سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*