اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان شريف خاندان خلاف نئب ريفرنسز ۾ اضافي جو اهو مطلب آهي ته “ڪجهه نه نڪتو”

mariyam nawaz

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان شريف خاندان خلاف نئب ريفرنسز ۾ اضافي جو اهو مطلب آهي ته “ڪجهه نه نڪتو”، جيڪڏهن ڪوڙو به ثبوت هجي ها ته هي فيصلو ڏيڻ لاءِ 2 ڏينهن به ڪو نه لڳائن ها.

سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ شريف ڪٽنب خلاف ريفرنسز ۾ 2 مهينا ۽ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي وقت ۾ 3 مهينا اضافو ڪيو آهي، جنهن تي مريم نواز سوشل ميڊيا تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن لکيو ته “سوچيو، جيڪڏهن ڪوڙو به ثبوت هجي ها ته هي فيصلو ڏيڻ ۾ 2 ڏينهن نه لڳائن ها، اضافي جو واضح مطلب آهي ته ڪجهه نه نڪتو”…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*