وزيراعظم نواز شريف اڄ ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندو

وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ڪجهه دير ۾ ملتان پهچي رهيا آهن، وزير اعظم نواز شريف ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندو، جڏهن ته شهباز شريف اسپتال ۽ ڪڊني سينٽر جو به افتتاح ڪيو ويندو.

وزير اعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف اهم دوري تي ملتان پهچي رهيا آهن، ٻئي اڳواڻ ملتان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندا.

پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ملتان ۾ شهباز شريف اسپتال ۽ ڪڊني سينٽر جو افتتاح ڪندو، جڏهن ته وزير اعظم ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندو ۽ ميٽرو بس سروس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر به رکيو ويندو.

چيو پيو وڃي ته ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان هر سال 10 لک مسافر سفري سهولتون حاصل ڪري سگهندا.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*