وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کڻبو، حڪومت قومي ايڪشن پلان تحت ايف سي جي طاقت ۾ اضافو ڪيو

Ahsan-Iqbal-221016

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کڻبو، حڪومت قومي ايڪشن پلان تحت ايف سي جي طاقت ۾ اضافو ڪيو.  هن چيو ته آپريشن سبب اڄ دهشتگرد مڪمل طور گهيري هيٺ آهن پر جيستائين دهشتگردن جو مڪمل طور خاتم نه ڪنداسين تيستائين سک سان نه ويهنداسين.

پشاور ۾ فرنٽيئر ڪور جي اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي  احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ بنيادي ضرورت آهي،

هن چيو ته پاڪستان کي ڪجهه سال اڳ دهشتگردن نشانو بڻائي رکيو هو، ۽ دهشتگردن معصوم ٻارڙن کي پشاور ۾ نشانو بڻايو، جنهن تي سموري قوم، حڪومت ۽ فورسز  دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،

وفاقي گهرو وزير چيو ته حڪومت قومي ايڪشن پلان تحت ايف سي جي طاقت ۾ اضافو ڪيو.

احسن اقبال چيو ته آپريشن سبب اڄ دهشتگرد مڪمل طور گهيري هيٺ آهن پر جيستائين دهشتگردن جو مڪمل طور خاتم نه ڪنداسين تيستائين سک سان نه ويهنداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*