اسلام آباد جي خصوصي عدالت پرويز مشرف جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Musharaf-30716

اسلام آباد جي خصوصي عدالت پرويز مشرف جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، حڪومتي وڪيل اڪرم شيخ چيو آهي ته مشرف دبئي ۾ ڊانس ٿو ڪري، اولاد جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ بدران مشرف جو پاسپورٽ رد ڪري سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، عدالت خالد خان ۽ بلاول منٽو کي عدالتي معان مقرر ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي خصوصي عدالت ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته گهرو وزارت جي ضمني رپورٽ ٻه عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ پرويز مشرف جي ستن مان 4 ملڪيتون سندس نالي تي آهن.

جسٽس يحيحي آفريدي پڇا ڪئي پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، 10 مهينا ٿي چڪا آهن پر سندس پرڏيهه جي ملڪيت جا تفصيل پيش نه ڪيا ويا آهن،

جسٽس يحيٰ چيو ته پرڏيهه ملڪ ملڪيتن بابت ڪهڙي ڪارروائي  ٿي آهي؟ وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود انٽرپول سان رابطو ڇو نه ڪيو ويو؟  وفاقي سرڪار ۽ گهرو وزارت جوابدارن کي واپس آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟

خصوصي عدالت چيو ته جوابدار جي عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو؟  جنهن تي فريادي ڌر جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته جوابدا رکي چڱو وقت ڏنو ويو، هاڻ فيصلو اچڻ گهرجي،

وڪيل اڪرم شيخ چيو ته عدالت پرويز مشرف جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي. عدالت آرڊر ڏنو هو ته جوابدار جي غير موجودگي ۾ ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري جوابدار خلاف ڪيس هلائي سگهجي ٿو.

ٻڌڻي دوران عدالت پرڏيهي آفيس ۽ ايف آءِ اي جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو، جنهن بعد وفاقي گهرو وزارت پرويز مشرف جي ملڪيت بابت رپورٽ جمع ڪرائي.

اسلام آباد جي خصوصي عدالت پرويز مشرف جي گرفتاري جو حڪم  ڏيندي خالد خان ۽ بلاول منٽو کي عدالتي معان مقرر ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*