صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين چونڊ ڪرڻ نواز شريف جو حق ناهي

saeed ghani

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين چونڊ ڪرڻ نواز شريف جو حق ناهي، 104 جي ايوان ۾ 33 ميمبرز کي اڪثريت نه ٿو چئي سگهجي.

سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فرحت الله بابر ۽ رضا رباني پ پ جو اثاثو آهن، ٻنهي جون جمهوريت لاءِ قربانيون آهن.

 هن چيو ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ڪرڻ پيپلزپارٽي جو حق آهي، فرحت الله بابر کي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ آڇ ڪئي  پر هن معذرت ڪري ڇڏي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم 30 سال ڪراچي شهر کي تباهه ڪيو، ايم ڪيو ايم جي اندروني لڙائي ۾ اسان کي نه گهليو وڃي.

 هن وڌيڪ چيو ته هارس ٽريڊنگ جا الزام غلط آهن، اسان جو هڪڙو ووٽر به هيڏي هوڏي نه ويو آهي، ڇو ته اسان جي ماڻهن جو قيادت تي اعتماد آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*