اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف خلاف توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري

pm isb high court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف خلاف توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار  ڏيندي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري، پيمرا ۽ ٻين کي 19 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ 26 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نوازشريف اعليٰ عدليا جي ججن خلاف جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو.

جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ هڪ رڪني بينچ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. جنهن جو فيصلو ٻڌايو ويو.

عدالتي فيصلو ٻڌائيندو چيو ته آئين ڪنهن کي به حق نٿو ڏئي تته هو ضابطه اخلاق ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري.

عدالت مسلم ليگ ن جي قائد خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اطلاعات وارو سيڪريٽري، پيمرا ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان کي 19 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*