تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين ڪنهن ننڍي صوبي مان اچي ته بهتر هوندو

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين ڪنهن ننڍي صوبي مان اچي ته بهتر هوندو، پوري ڪوشش هوندي ته نوازليگ جو چيئرمين نه بڻجي، سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪندڙن خلاف جاچ هلي پئي، ڪا ثابتي ملي ته ڪارروائي ڪنداسين

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته   نواز ليگ شريفن جي ڪرپشن بچائيندڙ پارٽي بڻجي چڪي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ن ليگ جو سينيٽ چيئرمين نه اچي.

هن چيو ته ڳجهي ووٽنگ سان هميشه ووٽ وڪرو ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ جون سيٽون وڪرو ٿينديون آهن.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته ماڻهن کي ووٽ جي بدلي چار چار ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، رشوت ڏيندڙن جي خبر آهي پر اها خبر ناهي ته پئسا ڪنهن ورتا.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سوشل ميڊيا تي نالو اچڻ تي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي، سينيٽ چونڊن بابت ڪنهن وٽ شاهدي آهي ته اسان حوالي ڪن.

هن چيو ته جن ماڻهن رقم ورتي، تن جو ڪيس نيب حوالي ڪري کين پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي،

عمران خان چيو ته سينيٽ چيئرمين ڪنهن ننڍي صوبي مان اچي ته بهتر هوندو، پوري ڪوشش هوندي ته نوازليگ جو چيئرمين نه بڻجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*