احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو

nawaz shareef

احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ، جڏهن ته ٻڌڻي 15 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل طرفان سندس طبيعت خراب هئڻ سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي جنهن بعد عدالت نواز شريف  ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي حاضري لڳائڻ بعد وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪئپٽن صفدر موجود هجي، ٻيا جوابدار ڀلي وڃي سگهن ٿا.

جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ دستاويز کڻي عدالت پهتو.

نيب جي آخري شاهد واجد ضياءَ جي آءِ ٽي ۾ پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي ۽ جاچ ٽيم کي ڪجهه سوالن جا جواب ڳولڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

واجد ضياءَ  چيو ته جاچ ٽيم کي گلف اسٽيل، قطري خط، هل ميٽل جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو،  اهو سوال به هو ته جوابدارن جي رقم جدي، قطر ۽ برطانيا ڪيئن منتقل ڪئي وئي،

واجد ضياءَ چيو ته نواز شريف جي ٻارڙن وٽ ڪمپنين لاءِ ناڻو ڪٿان آيو؟ نواز شريف ۽ سندس سنڀال هيٺ ماڻهن جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيئن ٺهيا.

جنهن تي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز اعتراض واريندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي جنهن حڪم جو حوالو ڏئي رهيو آهي ، اهو رڪارڊ تي ناهي، حڪم نامي جون ڪاپيون جوابدارن کي به فراهم نه ڪيون ويون آهن. .

واجد ضياءَ عدالت کي جي آءِ ٽي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو،

عدالت چيو آهي ته جيڪي به ثابتيون آهن واري واري سان جمع ڪرايون وڃن.

واجد ضياءَ جو بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت ٻڌڻي 15 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*