پنجاب جي صوبائي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، شهباز شريف

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته صوبائي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، دهشتگردن سان گڏ سهولتڪارن کي به ختم ڪيو ويندو.

لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان مختلف ايم پي ايز ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پنجاب حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهي آهي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي.

شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ امن دشمنن خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي، دهشتگردن سان گڏ سندس سهولتڪارن جو به خاتمو آندو ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ختم کڻي رهيا آهيون، توانائي جا منصوبا ايندڙ ٽن سالن اندر مڪمل ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*