پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ٻٽي شهريت وارن ملازمن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا

Dr-Faisal-111217

پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ٻٽي شهريت وارن ملازمن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا، پاڪستان دهشتگردن جي منظم گروهن کي ختم ڪرڻ جامع آپريشن ڪندڙ خطي جو اڪيلو ملڪ آهي، افغانستان ۾ داعش ۽ ٻين دهشتگردن جي موجودگي خطي لاءِ خطرناڪ آهي.

هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ٻٽي شهريت رکندڙ ملازمن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، سندن گهرڀاتين جي شهريت جا تفصيل به جلد ڏنا ويندا.

هن چيو ته افغانستان ۾ داعش ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جي موجودگي خطي لاءِ خطرون آهن.

هن چيو ته پاڪستان خطي جو واحد ملڪ آهي، جنهن دهشترگردي خلاف منظم گروپن جي خاتمي لاءِ گڏيل آپريشن ڪيو. خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هڪ سوال جي جواب ڊاڪٽر فيصل چيو ته ايران پاڪستان گيس پائپ لائن تي ايران جي عالمي عدالت وڃڻ جا ڪي به اطلاع نه آهن.

والاريل ڪشمير بابت ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن ۽ وڌيڪ 8 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي.  اسان معصوم ڪشميرين جي شهادت ۽ ياسين ملڪ جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*