سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ متحده ميمبر محمد حسين ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن بعد

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ متحده ميمبر محمد حسين ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن بعد، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا محمد حسين کي سارجنٽ ذريعي ايوان کان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهلا رضا سندس ڳالهه نه ٻڌي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

 اجلاس ۾ ان مهل ڇڪتاڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن مهل متحده ايم پي اي محمد حسين ۽ ڊپٽي اسپيڪر هڪ ٻئي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي.

متحده ميمبر محمد حسين ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته توهان کي ڪنهن چيو آهي ته اسان سان اهڙي نموني ڳالهايو، جنهن تي شهلا رضا وراڻيو ته توهان مون کي ڪا نصيحت نه ٿا ڪري سگهو، ڇا توهان کي منهنجو رتبو معلوم آهي.؟

 سخت جملن جي ڏي وٺ بعد ڊپٽي اسپيڪر سارجنٽ کي حڪم ڪيو ته محمد حسين کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.

 مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي شهلا رضا جو چوڻ هو ته جنهن مهل اوهان جو ميمبر ڳالهائي رهيو رهو ان مهل اوهان سڀ ڏسي رهيا هئا، ڪنهن به کيس منع نه ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان عورتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته نثار کهڙو، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءَ پيش ڪيو، سنڌ اسيمبلي ان ٺهراءَ کي به منظور ڪري ڇڏيو.

نثار کهڙو چيو ته سڪندر مينڌرو جون خدمتون سنڌ لاءِ مثالي آهن، ڊاڪٽر سڪندرمينڌرو سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ويندو جنهن بعد سينيٽر طور حلف کڻندو.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ خرم شير زمان ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ پاڻي جي عدم فراهمي تي ڌيان ڇڪرايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ڪي فور منصوبو جون 2019 ع ۾ مڪمل ٿيندو، ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، جڏهن ته خرم شير زمان جي خانگي اسڪولن جي فيس اسٽرڪچر بابت تحريڪ التويٰ راءِ شماري کان پوءِ وقتي اسپيڪر رد ڪري ڇڏي ۽ اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*