وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، عملدارن کي پي ايس ايل جا انتظام 15 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، عملدارن کي پي ايس ايل جا انتظام  15 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پي ايس ايل جي انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير، سڌ سماءَ واري وزير، مڪاني کاتي واري وزير، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، صوبائي سيڪريٽريز ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.

آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز، اجلاس دوران پي ايس ايل جي سڪيورٽي بابت بريفنگ به ڏني.

وڏي وزير چيو ته هو چاهي ٿو ته پي ايس ايل جي فائنل بابت 15 مارچ تائين هر ڪم مڪمل ٿي وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته سوڪ سهولتن جا انتظام بهتر انداز ۾ ڪري عوام ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*