سنڌ اسيمبلي يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان ۽ سهيل يونيورسٽي 2017 جا بل منظور ڪري ورتا آهن

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان ۽ سهيل يونيورسٽي 2017 جا بل منظور ڪري ورتا آهن، سنڌ ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي ادارن جي قانون ۾ ترميم بابت بل تي بحث دوران مخالف ڌر پاران ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

حڪومت پاران سڪيورٽي لاءِ مندرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ بابت ايم ڪيو ايم جي ديوان چند چاولا ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائيندي چيو ته واعدي باوجود مندرن جي سڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ناهن لڳايون.

اسيمبلي اجلاس ۾ سهيل يونيورسٽي 2017 جي بل جي منظوري ورتي وئي.

جلاس دوران يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان بل 2017 بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي رپورٽ پيش ڪئي، جيڪا ووٽنگ کانپوءِ بل جي صورت ۾ منظور ڪئي وئي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي ادارن جي قانون ۾ ترميم بابت بل تي شق وار بحث ڪيو ويو جنهن دوران مخالف ڌر ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*