ٿر ۾ بک ۽ بيمارين سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، انگ وڌي 452 ٿي ويو

ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري، خوراڪ جي کوٽ سبب مٺي جي سول اسپتال ۾ هڪ وڌيڪ گل مونجهائجي ويو، پنجن مهينن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي452 ٿي ويو.

سول اسپتال ۾ داخل ڳوٺ جوڳراڙ جي رهواسي غلام اڪبر جو ٻن ڏينهن جو معصوم ٻارڙو بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

حڪومتي بي حسي سبب ڏڪاريل ڏيهه ٿر  ۾ هيل تائين بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيلن جو انگ 452 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*