ڏهرڪي ويجهو ٽرالر جو جيپ سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Daharki Accident 10318

ڏهرڪي ويجهو ٽرالر جو جيپ سان  ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ باگو ڀٽو وٽ ٽرالر جو سامهون ايندڙ جيپ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ حاجي چنيسر مهر ۽ نينگر ظفر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ باغ علي مهر ۽ سندس والده شبنم مهر زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ٻنهي فوتين جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*