چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني، خالد مقبول صديقي ۽ سلمان مجاهد کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي

Khalid Maqbool Salman Mujahid 10318

چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني، خالد مقبول صديقي ۽ سلمان مجاهد کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فاروق ستار، خواجا اظهار ۽ وسيم اختر کي ضمانت تي آزاد قرار ڏنو ويو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ متحده  اڳواڻن خلاف چڙڏياريندڙ تقرير واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جاچ آفيسر ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪندي ڄاڻايو ته ڪيس ۾ جوابدار ايم ڪيو ايم باني، خالد مقبول صديقي ۽ سلمان مجاهد مفرور آهن، جڏهن ته فاروق ستار، خواجا اظهار، وسيم اختر ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد آهن.

چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته متحده باني تقرير ۾قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، جڏهن ته ٻين سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*