ورلڊڪپ ايونٽ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، ڊينيئل وٽوري

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار ليفٽ آرم ليگ اسپنر ڊينيئل وٽوري چيو آهي ته ايونٽ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي ۽ اينڊڙ ميچز ۾ ڪاميابي لاءِ هو گهڻُو پراميد آهي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي نالي واري اسپنر ڊينيئل وٽوري چيو آهي ته ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي، جنهن سبب ٽيم کي سڀني ميچز ۾ ڪاميابي نصيب ٿي آهي.

هن چيو ته ٽيم ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آِهي ۽ هاڻي پول بي ۾ شامل ٽيمن تي نظرون کتل آهن ته ڪهڙي ٽيم سان سندس مقابلو ٿيندو.

وٽوري جو چوڻ هو ته ايونٽ ۾ جنهن انداز سان رانديگرن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي ان جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي.

ان موقعي ته افغانستان جي ٽيم جي ڪپتان محمد نبي چيو ته ميچ ۾ ميزبان ڪيوي ٽِيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي بهترين تجربو مليو آهي، جنهن سان ايندڙ وقت ۾ کين وڏو فائدو رسندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*