اليڪشن ڪميشن تڪبندين جا نقشا ليڪ ڪرڻ تي ٻن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

election

اليڪشن ڪميشن تڪبندين جا نقشا ليڪ ڪرڻ تي ٻن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ٿيل آفيسرن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اليڪشنز عاطف رحيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر بجيٽ محمد سرور شامل آهن.

ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ٻنهي آفيسرن کي 3 مهينن لاءِ معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر وقاص ملڪ کي اليڪشن ۽ عابد شاهه کي بجيٽ جا اضافي چارج ڏنا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*