وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي

cm pc

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي، شاگردن کي هر سهولت فراهم ڪريون پيا، صوبي جي تعليم ۽ صحت حڪومت جي اهم ترجيح ۾ شامل آهن.

اهڙو اظهار هن سکر ۾آءِ بي اي جي سالياني ڪانووڪيشن ۾ خطاب دوران ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير آءِ بي اي جي گريجوئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ڊگريون  پڻ ورهايون.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا ويا آهن، تعليم ۽ صحت کي وڌ ۾ وڌ ترجيح  ڏيون پيا، جنهن جو ثبوت  مختلف علائقن ۾ اسڪولز توڙِي ڪاليجز جو قيام آهي.

وڏي وزير چيو ته پهرين سکر سميت اتر سنڌ جي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي  پڙهڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد وڃڻو پوندو هو پر  پيپلز پارٽي جي سرڪار کين  پنهنجن ئي علائقن ۾ تعليم جون سهولتون فراهم ڪري وقتائتو قدم کنيو آهي.

وڏي وزير چيو ته آءِ بي اي سکر ثابت ڪيو آهي ته هي هڪ بهترين ۽ مثالي ادارو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن آءِ بي اي سکر نه رڳو پاڪستان پر پرڏيهي يونيورسٽيز جو حصو هوندو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر کي تمام گهڻي مدد فراهم  ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هي هڪ وڏو ادارو بڻجي چڪو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*