وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي رد عمل ۾ چيو ته چيف جسٽس صاحب ڪارڪردگي جو فيصلو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ڪندو

ahsan iqbal

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي رد عمل ۾ چيو ته چيف جسٽس صاحب ڪارڪردگي جو فيصلو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ڪندو.

اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته چيف جسٽس صاحب اوهان عام چونڊن کان اڳ اهڙا بيان نٿا ڏئي سگهو.

هن چيو ته ڇا عدليه سياسي پارٽي آهي، عدليه کي سياسي ڪرڻ سان سڀني جو نقصان ٿيندو.

احسن اقبال چيو ته عمران خان يا آصف زرداري هن قسم جا بيان ڏئي سگهن ٿا، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو هو ته حڪومت 10سالن ۾ لاهور جي شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪري نه سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*