آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي ۾ دهشتگرد تنظيم داعش جي نالي تي ٺيڪيدار کان ڀتو گهرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي

AD-Khuwaja-171117

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي ۾ دهشتگرد تنظيم داعش جي نالي تي ٺيڪيدار کان ڀتو گهرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي، سي آءِ اي ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ کان ڌار ڌار تفصيلي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، ٺيڪيدار کان ڀتو گهرڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ڪئي وئي هئي.

گلشن معمار واسي ٺيڪيدار رسول ڪريم ڪي ٽي ايم نيوز سان رابطي دوران ٻڌايو هو ته ڀتي خورن دهشتگرد تنظيم داعش جي نالي تي هن کان 30 لک رپيا ڀتو گهريو آهي.

هن چيو هو ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدارن کيس مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن، پر پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري، جڏهن ته ڀتي جي ڪال اچڻ جو رينجرز کي به اطلاع ڏنو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي آءِ اي ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ۽ تفصيلي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*