پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ماڻهو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ صبح جو هڪ ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪندا آهن

khawaja asif

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ماڻهو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ صبح جو هڪ ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪندا آهن، اقتدار لاءِ عمران خان سڀئي حدون اورانگهي سگهي ٿو.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته عوام جي آڏو سڀني جا چهرا وائکا ٿي رهيا آهن،آصف زرداري جي باري ۾ ڄاڻ مناسب وقت تي فراهم ڪندس.

هن چيو ته آصف زرداري، شهيد بينظير ڀٽو جي وفادارن جي مخالفت ڪندو آهي، بلاول رضا رباني کي گهرايو پرآصف زرداري ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ چالاڪيون ڪم نه اينديون، عوام نون ليگ سان گڏ آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*