ميان رضا رباني جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سينيٽ چيئرمين جي چونڊ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون

raza rabbani and siraj ul haq

ميان رضا رباني جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سينيٽ چيئرمين جي چونڊ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون، سراج الحق چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اوهان جو نالو پيش ڪيو.

رضا رباني سراج الحق سان ٽيليفون تي رابطي ڪرڻ دوران مٿس اعتماد ڪرڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو.

سراج الحق چيو ته هارس ٽريڊنگ کان بچڻ ۽ جهموري روين جي بهتري لاءِ سڀني ڌرين کي رضا رباني جي نالي تي اتفاق ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته رضا رباني جي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ سان موجوده سياسي بحران ۽ بي يقيني واري صورتحال جو خاتمو اچي ويندو.

سراج الحق چيو ته رضا رباني ڪرپشن کان بالاتر ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*