سپريم ڪورٽ رجسٽري لاهور ۾ ايل ڊي اي سٽي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪئي وئي

khuwaja saad rafiq

سپريم ڪورٽ رجسٽري لاهور  ۾ ايل ڊي اي سٽي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪئي وئي، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته سڀئي ماڻهو چون پيا ته پيراگون سٽي خواجا سعد رفيق جو آهي ۽ هتي اوهان انڪار ڪري رهيا آهيو.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ايل ڊي اي سٽي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي وزير خواجا سعد رفيق پيش ٿيو.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سڀئي ماڻهو چون پيا پيراگون سٽي اوهان جو آهي ۽ هتي اوهان انڪاري آهيو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته هتي سياسي تقرير نه پر سڌي ڳالهه ڪيو.

وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته منهنجو پيراگون سٽي سان ڪو به تعلق ناهي، پيراگون سٽي وارا شيئر هولڊرز ۽ حمايتي آهن.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق کان حلفي بيان طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*