سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف جي ڪيس ۾ واڌ ورتي وئي آهي

mariyam oran

سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف جي ڪيس ۾ واڌ ورتي وئي آهي، عمران خان عدالت ۾ تسليم ڪيو ته دستاويز جعلي آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خلاف فيصلو ٿئي ته لاڪ ڊائون جي ڳالهه ٿيندي آهي، بلوچستان حڪومت کي ڪيرايو ويو، عوام سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.

هن چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي کي پاڪستان جي عوام نه مڃيو آهي، اڄ تائين نيب ريفرنسز اڻپورا آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل وزيراعظم نوازشريف کي اقامي تي هٽايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*