لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تي جوتو اڇلائيندڙ شخص تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

nawaz shareef

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تي جوتو اڇلائيندڙ شخص تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف به جوتو اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندڙ شخص خلاف ڪيس داخل ڪرايو  آهي.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ جامعيه نعيمه ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڊائس ڏانهن اچي رهيو هو ته  هڪ شخص کي جوتو اڇلايو جيڪو سندس ڪلهي تي لڳي وڃي ڀر واري مولوي کي لڳو هو.

واقعي بعد ليگي ڪارڪنن جوتو اڇلائيندڙ شخص کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو.

اڄ ميان نوازشريف مٿان جوتو اڇلائڻ واري واقعي جو ڪيس گجر سنگهه ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي،

پوليس موجب جوابدار عبدالغفور، منور ۽ ساجد جو دماغي توازن ٺيڪ آهي، کانئن وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي،

هوڏانهن فيصل آباد ۾ عمران خان مٿان جوتو اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندڙ مبينا جوا بدار تي به ڪيس داخل ڪرايو  ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*