ٺاروشاهه ۾ صحافي ملوڪ عباسي مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سياسي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tharu shah

ٺاروشاهه ۾ صحافي ملوڪ عباسي مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سياسي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

صحافي ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ثناءَالله مهر، غلام حسين ٻٻر  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته راجپوت برادري جي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف راجپوت برادري پاران ڪيل احتجاج جون خبرون هلائڻ تان بااثر  ٺيڪيدار خالد چنا پاران صحافي ملوڪ عباسي مٿان ڀتي ۽ موت مار ڌمڪين جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ ٻين صحافين کي حراسان ڪري ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي.

 هنن چيو ته بااثر ٺيڪيدار  پ پ جي اعليٰ قيادت جو دادلو هئڻ ڪري ضلع انتظاميا جي مدد سان صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

 ھنن چتاءَ  ڏيندي چيو ته جيڪڏهن صحافي ملوڪ عباسي مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو پوري سنڌ اندر وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*