پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه سان اسپيڪر اياز صادق ملاقات ڪئي

khursheed shah

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه سان اسپيڪر اياز صادق ملاقات ڪئي. خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجو اميدوار سامهون آڻي چڪي آهي.

اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ملاقات ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران سينيٽر رضا رباني ۽ زاهد حامد به موجود هئا.

ملاقات  دوران سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين  سميت ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين بابت پ پ پنهنجا اميدوار سامهون آڻي چڪي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*