گهوٽڪي گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي قيام کي پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي ٽن ڏينهن واريون گولڊن جوبلي تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويون آهن

ghotkimap11-9

گهوٽڪي گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي قيام کي پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي ٽن ڏينهن واريون گولڊن جوبلي تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويون آهن.

گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي گولڊن جوبلي تقريب جي پهرين ڏينهن ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين اصغر علي شاهه گيلاني ۽ ڪاليج پرنسپال ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ تقريبن جو افتتاح ڪيو.

پهرين ڏينهن گلن جي نمائش، سائنسي ميلو ۽  ڪتابن جو ميلو منعقد ڪيو ويو.

 گولڊن جوبلي تقريب جي پهرين ڏينهن والي بال جي مئچ اڄ شام جو منعقد ٿي رهي آهي، جنهن ۾شاگرد راند جو ڀرپور مظاهرو ڪندا.

پهرين ڏينهن واري تقريبن ۾سگا گهوٽڪي شاخ جو صدر آغا بلاول پٺاڻ،  سنڌي ادبي سنگت جو سڪندر اوڳاهي، قاضي اڪرم ۽ پروفيسر نوتن لعل کان سواءِ اسڪول انتظاميه ۽ شاگردن سان گڏ والدين ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ هئا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*