سکر ۾سنڌ بلڊنگ ڪنٽرولنگ اٿارٽيءَ گهڻ ماڙ عمارتن خلاف ڪارروائي شروع ڪندي

Sukkur-2-12

سکر ۾سنڌ بلڊنگ ڪنٽرولنگ اٿارٽيءَ گهڻ ماڙ عمارتن خلاف ڪارروائي شروع ڪندي ڪيترين ئي عمارتن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو. اٿارٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي عدالتي حڪم تحت ڪئي پئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرولنگ اٿارٽي ڪراچي ۽ سکر جي ٽيمن سکر شهر ۾ واقع گهڻ ماڙ عمارتن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٽيمن بندر روڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع گهڻ ماڙ عمارتن ۾ نقشا ۽ اجازت کان هٽي ڪري غيرقانوني فلورز بلڊوز ڪرائي ڇڏيا.

ڪارروائي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرولنگ اٿارٽي  جي ڊائريڪٽر جميل ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالسجاد خان جي نگرانيءَ ۾ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالسجاد خان ٻڌايو ته اها ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي ڪئي پئي وڃي ۽ عدالتي حڪم آهي ته جيڪي غير قانوني اڏاوتون آهن، اهي مسمار ڪيون وڃن.

هن جو چوڻ هو ته عدالت طرفان سکر ۾ 17 اهڙين عمارتن جي نشاندهي به ڪئي وئي، جن ۾ مالڪن منظوري وٺڻ  بنا اضافي فلور قائم ڪيا آهن، جنهن تي تڪڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ اها ڪارروائي عدالتي حڪمن تائين جاري رهندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*