لاڙڪاڻي ۾گهر جي ڇت لاءِ پريشان سينيئر اداڪارن ۽ ڪلاڪارن، فنڪار ڪالوني جوڙائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾گهر جي ڇت لاءِ پريشان سينيئر اداڪارن ۽ ڪلاڪارن، فنڪار ڪالوني جوڙائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پپو آرٽ اڪيڊمي جي سربراهه ۽ سينيئر اداڪار پپو ماڇي ٻين فنڪارن سان گڏجي ِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن دانهيو ته سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي پاران شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ فنڪارن کي نظرانداز ڪري کين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويوآهي.

هنن چيو ته پرڏيهه ۾ فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ادارا کولي کين زندگي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن پر لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ فنڪار هن وقت به گهر جي ڇت لاءِ پريشان آهن.

احتجاج ڪندڙ سينيئر فنڪار پپو ماڇي ۽ ٻين سنڌ جي وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ فنڪارن لاءِ رهائشي ڪالوني جوڙائي کين پلاٽ ڏنا وڃن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*