عوامي نيشنل پارٽي تڪن بابت پنهنجا اعتراض اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

zahid khan

عوامي نيشنل پارٽي تڪن بابت پنهنجا اعتراض اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، ي اين پي اڳواڻ زاهد خان چيو آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته تڪن بابت اسان  کي ٻڌو وڃي، پر اڃا تائين جواب نه مليو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد خان چيو ته اسان اين اي 6 ۽ 7 تڪن تي اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته 2013  جي اليڪشن ۾ به انهن تڪن تي اسان مٿان حملا ٿيندا رهيا آهن.

هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ اسان تي حملا ٿيا هئا، انهن بابت به سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيا هئا، پر اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان جا خط اسان کي نه مليا آهن، ايئن نه ٿئي جو وري ٻيهر اليڪشن ڪميشن چئي ته اسان کي درخواست نه ملي.

زاهد خان چيو ته اهو فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي وس ۾ آهي، پر اسان خط انهي ڪري لکيو هو ته اسان جي تڪ بندين بابت اعتراض بابت ٻڌو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*