اليانا ڊي ڪروز جي نئين فلم 21 نومبر تي رليز ٿيندي

ڀارتي اداڪاره اليانا ڊي ڪروز  جي نئين فلم هيپي اينڊنگ 21 نومبر تي رليز ٿي رهي آهي، فلم ۾ سيف علي خان ۽ پرينيتي چوپڙا به اهم ڪردار ادا ڪيا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اليانا ڊي ڪروز جو چوڻ آهي ته هوءَ فلمن جو اسڪرپٽ چڱي ريت ڏسي وائسي پوءِ سائين ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ کي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي.

سندس چوڻ آهي ته هوءَ هيل تائين 16 ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ڪا به فلم سائين ڪرڻ وقت ڪافي محتاط رهندي آهي.

اليانا ڊي ڪروز جو چوڻ هو ته سندس فلم هيپي اينڊنگ کي سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*