حڪومت ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي ملڪ کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جو پختو ارادو رکي ٿي، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي ملڪ کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جو پختو اردو رکي ٿي، ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب کي ڌيان نه مليو، جنهن جو هاڻي سندس حڪومت ازالو ڪري رهي آهي، جلد ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

ملتان ايئرپورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته حڪومت ملتان کي سڄي ملڪ سان ڳنڍڻ لاءِ موٽر ويز جو ڄار وڇائي رهي آهي، جڏهن ته ايئرپورٽ جي افتتاح سان ملتان کي زرعي جنسن جي روانگي واپار سميت ٻيا فائدا پهچندا، جنهن سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي.

ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ملتان ۾ ايئرپورٽ جي تعمير سان ملتان جي ماڻهن کي پرڏيهه وڃڻ يا اتان کان واپس اچڻ لاءِ لاهور يا ڪراچي جي محتاجي نه پسڻي پوندي.

وزير اعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملتان جي ترقي لاءِ 29 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، جن جي تڪميل سان ملتان سڄي ملڪ سان ڳنڍجي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا  ڪندو.

ان کان اڳ وزير اعظم ميان نواز شريف ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ ٽرمينل جو افتتاح ڪيو.

ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پيڙهه جو پٿر اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سال 2010 ۾ رکيو هو، جنهن جو ميان نواز شريف افتتاح ڪيو.

ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تعمير تي 7 ارب رپيا خرچ ٿيا، جن مان ٻه ارب رپيا رن وي تي خرچ ٿيا، جڏهن ته نئين عمارت جي تعمير تي پنج ارب رپيا خرچ ٿيا.

اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اثرائتي نگراني سبب خرچن ۾ 20 سيڪڙو بچت ٿي.

ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان هڪ ئي وقت چار جهاز آپريٽ ٿي سگهندا، جڏهن ته ساليانو هن ايئرپورٽ تان 10 لک مسافرن کي سفري سهولتون ملنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*