سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Imran-Khan-Pti-21117

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت نوازشريف، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ خواجا سعد رفيق جي خلاف خلاف توهين عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سعد رفيق پنهنجي بيان ۾ توهين عدالت ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي توهين عدالت جي ڪا به ڳالهه نظر نه آئي آهي. عدليا کي بلڪل غيرجانبدار هئڻ گهرجي، جن معاملن تي نوٽيس وٺڻو هو، وٺي ڇڏيو آهي.

درخواستگذار چيو ته نهال هاشمي به توهين عدالت ڪئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن  چيو ته نهال هاشمي کي سزا ملي چڪي اهي ۽ کيس توهين عدالت جو نوٽيس به جاري ٿي چڪو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل چيل ته عمران خان خلاف ڪيس هلائڻ چاهيون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس تحريڪ انصاف عمران خان خلاف درخواست کي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*