پنجاب جو وڏو وزير ميان شهباز شريف بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊجي ويو

Shahbaz-Sharif-111017

پنجاب جو وڏو وزير ميان شهباز شريف بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊجي ويو، مقرر وقت تائين شهباز شريف کانسواءِ پارٽي صدارت لاءِ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا،

مسلم ليگ ن جي پارٽي صدارت لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي ويو. مقرر وقت کان اڳ رڳو شهباز شريف طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.

شهباز شريف کانسواءِ ڪنهن نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، اهڙي نموني شهباز شريف بنا مقابلي مسلم ليگ ن جو صدر چونڊجي ويو آهي.

شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي چئن صوبن جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙن جون صحيحون به موجود هيون. مسلم ليگ ن جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ رسمي طور شهباز شريف جي صدارت جو اعلان ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ نواز ليگ اڳواڻن کي گيٽ تي روڪڻ تي ڪارڪنن احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*