شڪارپور جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت ۽ ٻي جوابدار کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي

Court-Order-21317

شڪارپور جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت ۽ ٻي جوابدار کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

سيشن جج جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پيار علي ٻرڙو کي موت ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت ساڳي ڪيس ۾ ٻي جوابدار تاج محمد ٻرڙي جي ضمانت رد ڪندي کيس 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

موت جي سزا مليل جوابدار پيار علي ٻرڙو 4 سال اڳ زرعي ترقياتي بئنڪ جي ايم سي او عبدالوحيد حاجاڻي کي قتل ڪيو هو.

پوليس ٻنهي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*