ڪراچي جي جناح اسپتال مان جعلي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي

jinah hospital jahli doctor girftar

ڪراچي جي جناح اسپتال مان جعلي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي صدر جو چوڻ آهي ته جوابدار جعلي ڊاڪٽر عائشه هڪ سال کان گائني وارڊ ۾ ڊيوٽي تي اچي رهي هئي، شڪايت تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي صدر ميڊيا کي ٻڌايو ته جناح اسپتال جي گائيني وارڊ مان شڪايت ملڻ تي وومين پوليس ڪارروائي ڪري جعلي ڊڪٽرياڻي کي گرفتار ڪيو.

وومين صدر  ٿاڻي جي ايس ايڇ او غزالا ٻڌايو ته جوابدار عورت وارڊ ۾ هڪ سال کان ڊيوٽي تي اچي رهي هئي.

وومين ٿاڻو پوليس موجب جوابدار عائشه ميٽرڪ پاس آهي، جڏهن ته ڪورنگي جي رهائشي آهي، جنهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي تي آندو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*