تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ملاقات ڪئي

imran khan met senate chairman

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ملاقات ڪئي. عمران خان چيو آهي ته نوازليگ اڳواڻن جي ذهنن ۾ گلو بٽ ذهنيت ويٺل آهي، ان سان جمهوري روايتون ڪمزور ٿينديون.

اسلام آباد ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن ۾ سهڪار تي ٿورا مڃيا،

ملاقات دوران ملڪ جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي وٺ ڪئي وئي.

ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجو به عمران خان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي عمران خان چيو ته صادق سنجراڻي جي چونڊ آئين ۽ جمهوريت جي فتح ۽ خانداني سياست جي هار آهي.

عمران خان سينيٽ چونڊ دوران ايم اين اي حامد الحق تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته نوازليگ اڳواڻن جي ذهنن ۾ گلو بٽ ذهنيت ويٺل آهي، ان سان جمهوري روايتون ڪمزور ٿينديون……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*