آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريق ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ ايران لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

army chief met iran forign minister

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريق ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ ايران لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريق جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران پاڪ ايران لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايراني پرڏيهي وزير پاڪ ايران بارڊر تي سيڪيورٽي جي بهتر انتظامن ۽ تازي گڏيل سيڪيورٽي رابطن جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته علائقائي امن اولهه ايشيا ۾ سهڪار ڪرڻ ۾ آهي.

آرمي چيف چيو ته  قومي سلامتي ۽ ڏوهن جي خطري کي روڪڻ لاءِ پاڻ ۾ سهڪار جي ضرورت آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*