رائو انوار ۽ ٻين جوابدار پوليس اهلڪارن خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي

Rao-Anwar-Court-91217

رائو انوار ۽ ٻين جوابدار پوليس اهلڪارن خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ مقتولن تي ڪيس ڪوڙا ڄاڻايا ويا آهن، جڏهن ته هٿ ڄاڻايل هٿيار به جوابدارن جا قرار ڏنا ويا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي منتظم جج وٽ نقيب الله ڪيس ۾ پوليس پاران ايف آءِ آر جي نقل پيش ڪئي وئي.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته ايس ايس پي عابد قائمخاني جي مدعيت ۾ شاهه لطيف ٿاڻي تي نقيب الله سميت 4 ڄڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ رائو انوار، ايس ايڇ او امان الله مروت، ڊي ايس پي قمر احمي، ايس ايڇ او شعيب شيخ عرف شوٽر، فدا حسين سميت 12 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته مقتولن کان هٿ ڄاڻايل هٿيار به جوابدارن جا هئا، جن خلاف ڪيس به ڪوڙا داخل ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*