قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو

national assembly

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو، وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته پختون قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏاڍيون قربانيون ڏنيون آهن. سيڪيورٽي ادارا ڪڏهن به قوميت جي بنياد تي ڪارروائي نه پيا ڪن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، گهرو وزارت جو آفيسر حاضر نه ٿيڻ تي اسپيڪر پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

اسپيڪر چيو ته گهرو وزارت طرفان ڪير موجود آهي، ڇا ڪو آفيسر يا ڪو نائب قاصد به نه آيو آهي،

اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪندي چيو ته گهرو سيڪريٽري جي حاضر ٿيڻ تائين اجلاس جي ڪارروائي نه هلائي ويندي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس معطل ڪندي ساڍن چئن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي چيمبر تائين واڪ آئوٽ ڪيو.

اسپيڪر چيو ته هڪ وفاقي وزير ۽ هڪ مملڪتي وزير ۽ هڪ پارلياماني سيڪريٽري هئڻ باوجود مذاق بڻايو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جيستائين وزيراعظم لکت طور ضمانت نه ڏيندو، روزانو واڪ ڪندس.

اسپيڪر پنهنجي سيٽ ڇڏي ڊپٽي اسپيڪر حوالي ڪري ڇڏي.

وفاقي گهرو سيڪريٽري جي نه اچڻ تي پي ٽي آءِ به اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته مان مطلابو ڪيو هو ته  بلوچستان حڪومت جي تبديلي جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي.

هن چيو ته جڏهن سينيٽ چونڊن ۾ زر ۽ زور جو استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ ملڪ جا بنياد لڏي ويندا آهن.

نويد قمر چيو ته ن ليگ پهرين ڏينهن کي جيڪڏهن پارليامينٽ کي عزت ڏئي ها ته اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها.

هن چيو ته وقت اچڻ تي اسان فرعون بڻجي ويندا آهي، ان ۾ ڪو به شڪ  نه آهي ته رضا رباني جو دور مثال هو.

نويد قمر چيو ته آخري ڏينهن ۾ حڪومت کي ميان رضا رباني بهتر نظر اچڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته ان کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهجي.

صاحب زاده طارق الله چيو ته سينيٽ جيڪو ٿيو، اها پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان غير شفاف چونڊ هئي.

هن چيو ته اهڙي عمل سان جمهوريت داغدار ٿي، سينيٽ چونڊ ۾ ٻڪرين جو ميلو لڳل هو.

صاحب زاده طارق الله چيو ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جنهن مان لڳي پيو ته چونڊن نه ٿينديون.

اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي ميمبر شهريار آفريدي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جو پختون عوام عام ديواني ڪيس ۾ ڪٽر ڏوهاري قرار ڏنا ٿا وڃن.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادار ڪنهن به قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهو سان امتيازي سلوڪ نٿا ڪن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته پختون قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏاڍيون قربانيون ڏنيون آهن.  اسان سندن قربانين جو اعتراف ڪيون ٿا.

احسن قبال چيو ته سيڪيورٽي ادارا ڪڏهن به قوميت جي بنياد تي ڪارروائي نه پيا ڪن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انجنيئر حام الحق چيو ته سينيٽ هال ۾ مون تي تشدد ڪيو ويو، مون تي نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو.

هن چيو ته هال ۾ سڀني نعرو هنيو ته مون به تحريڪ انصاف زندهه باد جو نعرو هنيو.

حامد الحق چيو ته سينيٽ هال ۾ مون تي حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي، منهنجو استحقاق مجروح ٿيو، ايڪشن ورتو وڃي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*