نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته عدم اعتماد واري تحريڪ ۽ سينيٽ اليڪشن سازش هئي

captain safdar

نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته عدم اعتماد واري تحريڪ ۽ سينيٽ اليڪشن سازش هئي، اسان جنگ هارائڻ وارا ناهيون، اسان اڃا به بنگلاديش کان ناهي سکيو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيپٽن صفدر چيوآهي ته سينيٽ جي چونڊ ته اسان هارائي وياسين پر ايندڙ چونڊون اسان ئي کٽنداسين، ڇاڪاڻ ته عوام عدالتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سياسي قيادتن کي ڦاهي نٿي ڏئي سگهي، 80ع ۾ نوازشريف ڪارگل جو وزن پنهنجن ڪلهن تي کنيوهو ۽ سڄي خطي کي ايٽمي جنگ کان بچايو هو، جنهن کانپوءِ کيس جيل موڪليو ويو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته هڪ شخص جنهن جا نسل پاڪستان لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن خلاف ڇا پيو ٿئي. اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪهڙو پاڪستان ڏئي رهيا آهيون.

ڪيپٽن صدر چيو ته بلوچستان جو اسان جي دل آهي، چاهيون ٿا ته ايندڙ صدر به بلوچستان جو هجي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*