اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ممتاز قادري جي موت جي سزا خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ جوابدار ممتاز قادري جي موت جي سزا خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت ممتاز قادري کي دهشتگردي ايڪٽ تحت مليل سزا ڪالعدم قرار ڏيندي قلم 302 تحت موت جي سزا برقرار رکي آهي.

جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 11 فيبروري تي ممتاز قادري جي درخواست تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت، محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ممتاز قادري جي موت جي سزا خلاف خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

عدالتي حڪم موجب، ممتاز قادري جي دهشتگردي ايڪٽ تحت ٻڌايل موت جي سزا ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته قلم 302 تحت ڏنل سزا برقرار رکي وئي آهي.

واضح رهي ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي جنوري 2010 ۾ اسلام آباد ۾ سندس ئي گارڊ ممتاز قادري فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جنهن تي روالپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ممتاز قادري کي دهستگردي ايڪٽ ۽ قلم 302 تحت 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*